ديبلي علي بن موسيٰ

ديبلي، علي بن موسيٰ: علي بن موسيٰ ديبلي، چوٿين صدي هجريءَ جي وڏن محدثن مان هو ۽ ’العالم المحدث‘ جي لقب سان مشهور هو. پنهنجي شهر ديبل ۾ حديث جو درس ڏيندو هو. ان کانسواءِ بغداد ۾ وڃي حديث جي روايت ڪيائين. ديبل ۾ شيخ خلف بن محمد موازيني ديبليءَ کانئس حديث جي روايت ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو